اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ نائجيريا گڏيل فائدي جي لاءِ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي دفاع ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي شعبن ۾ تعاون کي و??يڪ گهرو ڪر?? جي خواهش کي ورجايو آهي. اها ڳالهه ايوان صدر ۾ نائجيرين هٿياربند فو?? جي چيف آف ڊفينس اسٽاف جنرل لڪي ايلونوئي اونينيوچيا ايرا بور ۽ صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي و?? ۾ ملاقات دوران ٿي. نائجيريا جي وفد جي آجيان ڪندي صدر چيو ته پاڪستان نائجيريا سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ نائجيريا سان بامعنيٰ دفاعي لاڳاپن جو خواهشمند اهي. هن عالمي دفاعي نمائش ۽ سيمينار ۾ نائجيريا جي هٿياربند فو?? جي نمائندن جي شرڪت کي ساراهيو. صدر ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي پڻ روشني و??ي ۽ چيو ته جنگجو پاڙيسري ملڪ مسلمانن جي نسل ڪشي ۾ ملوث آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان کي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جو زبردست تجربو آهي ۽ هن ملڪ ۾ دهشتگرد عنصرن کي ڪاميابي سان شڪست ڏني. هن ٻنهي ملڪن جي و?? ۾ واپاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. جنرل لڪي ايلونوئي اونينياچيا ايرابور ٻنهي ملڪن جي و?? ۾ دوستي جي ٻنڌڻ کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن صدر کا نائجيريا جي صدر پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي ڪر?? تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا پڻ مڃيا.