اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنجاب ۽ خيبرپختونخوا مان اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر پنجاب مان باب?? حسن ڀروانه جڏهن ته ??يبرپختونخوا مان جسٽس (ر) اڪرام الله خان کي اليڪشن ڪميشن جي ميمبر طور مقرر ڪري ڇڏيو آهي. اهي مقرريون آئين جي آرٽيڪل 218 (2) بي تحت وزيراعظم جي ايڊوائيس تي ڪيون وي??ن آهن. ٻئي جايُون اڳوڻن ميمبرن جي ??ٽا??رمينٽ کانپوءِ خالي ٿيون هيون.