اسلام آباد – 09 R11; جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته خيبرپختونخوا صوبي جي عوام س??ن جيڪو مون واعدو ڪيو، اهو پورو ڪيو آهي، ايبٽ آباد ۽ پشاور کانپوءِ سستي اٽي جي فراهمي عنقريب پوري صوبي جي ٻين علائقن ۾ به ش??وع ٿيندي، خيبرپختونخوا ۾ گذريل 8 سالن کان رڪيل ترقي جي عمل کي اڳتي وڌائينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن سياسي ۽ عوامي معاملن واري صلاحڪار انجنيئر امير مقام س??ن ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخوا جي عوام ۾ مون جيڪو واعدو ڪيو اهو پورو ڪيو آهي. ايبٽ آباد ۽ پشاور کانپوءِ سستي اتي جي فراهمي عنقريب پوري صوبي جي ٻين علائقن ۾ به ش??وع ٿيندي، خيبرپختونخوا ۾ گذريل 8 سالن کان رڪيل ترقي جي عمل کي اڳتي وڌائينداسين، وزيراعظم هدايت ڪئي ته خيبرپختونخوا ۾ صوبائي حڪومت جي بدانتظامي سان ستايل ماڻهن جا مس??لا فوري حل ڪري ۽ خيبرپختونخوا ۾ پارٽي تنظيم کي سرگرم ڪريو، انجنيئر امير مقام وزيراعظم کي خيبرپختونوا جي عوام س??ن سستي اٽي جا واعدا پورا ڪرڻ تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو.