اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم شهباز شريف جي ايڊوائيس تي ڪراچي ۾ د??شت??ردي سبب فوت ٿيندڙ چيني شه??ين کي پاڪستان حڪومت پاران لاڏاڻي کانپوءِ تمغه پاڪستان ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ٽن چيني شه??ين کي تمغه پاڪستان ڏيڻ جي ايڊوائيس صدر کي موڪلي هئي. چيني شهري 26 اپريل 2022ع تي ڪراچي ۾ د??شت??ردي جو نشانو بڻيا هئا. چيني استاد ڪراچي يونيورسٽي جي داخلي دروازي تي خودڪش ڌماڪي ۾ فوت ٿي ويا هئا. ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ ڪراچي جي ڊائريڪٽر هوآنگ گيوپنگ، تِنگ موفانگ ۽ ڇن سائي کي اعزاز ڏنو ويو آهي. چيني رهواسين کي چين پاڪستان دوستي جي لاءِ عظيم خدمتن جي اعتراف ۾ اعزاز ڏنا ويا.