اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پ??جا?? ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ڪتابن جي ڇپائي ۾ دير جو سخت نوٽيس وٺندي تعليم واري وزير رانا تنوير حسين کي معاملي تي فوري ڪارروائي ڪري ر??ور?? پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم تعليم واري وزير رانا تنوير حسين کي هدايت ڪئي ته والدين ۽ شاگردن کي درپيش تڪليفن کي فوري طو?? تي ختم ڪيو وڃي، هن مسئلي جي ذميدارن جو تعين ڪري ڪارروائي عمل ۾ آڻڻ جي به هدايت ڪئي، وزيراعظم حڪم ڏنو ته يقيني بڻايو وڃي ته آئنده اهڙي نوعيت جو مسئلو پيدا نه ٿئي.