اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهبا?? شريف چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي پرڏيهي معاملن واري ڪميشن جي ڊائريڪٽر يانگ ??يچي ۽ سندس وفد جي آجيان ڪندي چيو ته يانگ ??يچي پاڪستان جو مخلص دوست آهي ۽ هو پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران چيني وفد کي ڀليڪار چوي ٿو. وزيراعظم شهبا?? شريف سان ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي پرڏيهي معاملن واري ڪميشن جي ڊائريڪٽر يانگ ??يچي جي سربراهي ۾ وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، مملڪتي وزير حنا رباني کر، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال ۽ ٻيا به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران چيني وفد جي آجيان ڪري ٿو. هن يانگ ??يچي سان 2015ع ۾ چيني صدر جي دوري جي موقعي تي ٿيندڙ ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته چيني صدر جي وفد جي اهم ميمبر جي حيثيت سان يانگ ??يچي اهم ڪردار ادا ڪيو هو. چيني صدر سان ان وقت مخت??ف معاهدن تي صحيحون ڪيون هيون جيڪا اصل ۾ سي پيڪ جي شروعات هئي. وزيراعظم چيو ته يانگ ??يچي پاڪستان جو مخلص دوست آهي، جنهن سدائين پاڪستان جي ڪاز جي حمايت ۽ ٻنهي ملڪن کي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم پنهنجي بيجنگ ??ي دوري جو به ذڪر ڪيو، جڏهن ساڻس يانگ ??يچي سان ملاقات ٿي ته هن چيو ته سي پيڪ جا منصوبا، سيڙپڪاري ۽ واپار جي لاءِ انهن جو ٿورائتو آهيان. يانگ ??يچي چيني صدر ۽ وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچ??يو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته وزيراعظم شهبا?? شريف جي قيادت ۾ پاڪستان سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي راهه تي گامزن ٿيندو.