ملتان – 02 – آگسٽ (اي پي پي) ناليواري دفاعي تجزيه نگار ۽ تعليمي ماهر پروفيسر ع??ي سخن ور چيو آهي ته ڀارت آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي جو خاتمو ڪري ڪشمير جي حوالي سا?? سڄي خطي جي صورتحال کي عدم استحڪ??م جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. هن ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سا?? اي پي پي سا?? ڳالهائيندي چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جا تما?? وڏا منفي اثر پوندا. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ڪشميرين جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. 1989ع کان وٺي هيستائين ڀارتي فوجين هڪ لک ڪشميرين کي قتل ڪيو، 7 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي حراست دوران ماريو ويو، 11 هزار کان وڌيڪ عورتن کي بي حرمتي جو نشانو بڻايو ويو جڏهن ته 11 لک کان وڌيڪ ٻارن کي يتيم ۽ اٽڪل 23 هزار ع??رتن کي بيواهه ڪيو. هن چيو ته عالمي برادري ان بدترين صورتحال جو نوٽيس وٺي ته جيئن ڪشميرين جي آزادي جو خواب پورو ٿي سگهي.