اسلام آباد -16 آگسٽ (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علويءَ جلال پور، ايم فائيو موٽر وي تي روڊ حادثي ۾ قيمتي حياتين جي نق??ان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اڱ??ري ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري ڪيل بيان مطابق صدر مملڪت ان المناڪ حادثي ۾ فوتين جي درجن جي بلندي لاءِ دع?? ڪندي لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته حادثي ۾ ٿيل زخمين کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪئي وڃي. صدر مملڪت چيو ته حفاظتي تدبيرن تي عمل ڪندي ۽ ٽر??فڪ جي قانونن جي پاسداري اهڙن حادثن کان بچڻ لاءِ انتهائي اهم آهي. هن چيو ته اهڙن حادثن کان بچڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن. صدر مملڪت زخمين جي صحتيابي لاءِ به دع?? ڪئي. صدر مملڪت حادثي ۾ فوتين جي وارثن سان تع??يت ڪئي ۽ انهن جي صبر لاءِ ڌڻي در دع?? ڪئي