اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) آءِ پي يو جي صدر دوارتي پش??گو پاڪستان ??نسٽيٽيوٽ آف پارليامينٽري سروسز (پيپس) جو دورو ڪيو. ان موقعي تي سينيٽر فيصل سليم رحمان ??ه آءِ پي يو جي صدر سان گڏ هو. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پيپس محمد انور ۽ ٻين آفيسرن مهمانن کي ڀليڪار چيو. ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پيپس آءِ پي يو جي صدر کي پيپس قائم ڪرڻ، تاريخ ۽ ڪم جي حوالي سان ??فصيلي بريفنگ ڏني. آءِ پي يو جي صدر پاڪستان ۾ پارلي??ما??ي نظام جي مضبوطي ۾ پيپس جي ڪردار کي ساراهيو. ان موقعي تي آءِ پي يو جي صدر چيو ته پيپس جهڙا ادارا جمهوريت جي فروغ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. آءِ پي يو جي صدر پيپس لائبريري جو جائزو ورتو ۽ مهمانن واري ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر به لکيا. بعد ۾ سينيٽر سليم رحمان ۽ پيپس جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر محمد انور آءِ پي يو جي صدر کي يادگاري شيلڊ پيش ڪئي. آءِ پي يو جو صدر ٻوڏ سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال جي ڪري پاڪستان ??ان يڪجهتي اظهار لاءِ پاڪستان ??و دورو ڪري رهيو آهي.