اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف 12 ۽ 13 آڪٽوبر تي آستانه قازقستان ۾ سي??ا جي ڇهين سربراهه اجلاس کي ??نهنجي خطاب ۾ علائقائي ۽ عالمي سطح تي اهم مسئلن خاص طور تي موسمياتي تبديلي سان پيدا ٿيندڙ چئلينجز بابت پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عالمي ۽ علائقائي امن ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ پاڪستان جي پڪي عزم کي ??رجايو، هن علائقائي ۽ ذيلي علائقائي سطح تي حصيداري ۽ خودمختيار برابري جي بنياد تي سمورين رياستن سان خوشگوار لاڳاپن کي ??روغ ڏيڻ سميت پاڪستاني عوام جي سماجي ۽ اقتصادي ڀلائي جي هدف کي ترجيح ڏيڻ تي زور ڏنو. وزيراعظم خطي خاص طور تي افغانستان ۾ امن ۽ سل??مت?? جي فروغ ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار کانسواءِ پاڪ چين اقتصادي ??نگ??ه سميت مختلف قدمن جي ذريعي ايشيا ۾ رابطن کي ??ضبوط بڻائڻ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ??ڻ اجاگر ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن ۽ ان کانپوءِ ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي سطح تي مڃيل تڪراري حيثيت کي ??قصان پهچائڻ جي سمورن قدمن بشمول والاريل علائقي ۾ غيرقانوني آبادياتي تبديلي ماحول کي خراب ڪيو آهي ۽ ڳالهه ٻولهه جي گنجائش کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو گڏيل قومن جي سل??مت?? ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ پائيدار امن جي لاءِ ضروري آهي. بيان موجب سي??ا هڪ بين الحڪومتي قدم آهي جنهن جو مقصد ايشيا ۾ امن، سل??مت?? ۽ استحڪام کي ??روغ ڏيڻ آهي. 27 ميمبر ملڪن تي ٻڌل سي??ا سڄي ايشيا جي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون جو هڪ فورم آهي. پاڪستان سي??ا جي باني ميمبرن مان هڪ آهي ۽ هو ان جي ڪم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي رهيو آهي.