اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چ??ن ۽ پاڪستان جي دوستي بي مثال آهي، چين هر اندروني ۽ ٻاهرئين محاذ تي پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي ۽ هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد جي لاءِ موجود رهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان چائنا نيشنل نيوڪليئر ??ار??وريشن اوورسيز جي وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت چائنا نيشنل نيوڪليئر ??ار??وريشن اوورسيز جي صدر زانگ گيوليانگ ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم چيو ته چ??ن ۽ پاڪستان جي دوستي بي مثال آهي، چين هر اندروني ۽ ٻاهرئين محاذ تي پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي ۽ هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد لاءِ موجود رهيو آهي. هن چيو ته تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جو مق??بلو ڪرڻ ۽ ٻوڏ سٽيلن جي بحالي لاءِ جاري ڪمن ۾ چين پاڪستان جي تمام گهڻي مدد ڪئي. چائنا نيشنل نيوڪليئر ??ار??وريشن اوورسيز پاران ٻوڏ سٽيلن جي بحالي لاءِ هڪ وڏي رقم جو چيڪ پڻ وزيراعظم جي فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ پيش ڪيو ويو. ملاقات ۾ پيٽروليم وارو مملڪتي وزير مصدق ملڪ، وزيراعظم جا خاص معاونين طارق فاطمي، ظفرالدين محمود ۽ پاڪستان ۾ چين جو سفير نونگ رونگ پڻ شريڪ ٿيا.