اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ سندس گهرواريءَ ثمينه عارف علوي مقتول صحافي ارشد شريف جي گهر ويا ۽ ان جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ارشد شريف جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن ارشد شريف جي خاندان جي ڀاتين سان افسوس جو اظهار ۽ مرحوم جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته آزاد صحافت جي لاءِ مرحوم ارشد شريف جون خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن، ا??شد شريف تحقيق ۽ حقيقتن سان بنا ڪنهن ڊپ جي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندو هو. صدر مرحوم جي صحافتي خدمتن کي خراج تحسين، پوني??رن سان همدردي جو اظهار ڪيو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.