اسلام آباد– 16 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي لڪي مروت ۾ پوليس وين تي دهشتگرد حملي جي مذمت ۽ قيمتي جاني?? جي زيان تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهڙي بزدلاڻي ڪارروائي دهشتگر??ي جي خلاف جنگ ۾ قوم جي عزم کي ڪمزور نه ٿي ڪري سگهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر دهشتگر??ي جي واقعي ۾ قيمتي جاني نقصان تي گهري افسوس جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته دهشتگر??ي جي خلاف جنگ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن، قوم پنهنجي شهيدن تي فخر ڪري ٿي. هن چيو ته دهشتگر??ي جي خلاف جنگ ۾ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن کي قوم سدائين ياد رکندي آهي. اهڙيون بزدلاڻيون ڪارروايون دهشتگر??ي جي خلاف قوم جي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. صدر پوليس جي شهيدن کي خراج تحسين، پونئيرن سان همدر??ي جو اظهار ڪيو. هن شهيد?? جي لاءِ درج?? جي بلندي ۽ وارث?? جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.