اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جو سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ پرڏيهي ??زي?? بلاول ڀٽو زرداري جي دعوت تي 10 کان 12 ڊسمبر تائين ??اڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل دوري دوران 5 رڪني وفد جي قيادت ڪندو، نومبر 2021ع ۾ عهدو سنڀالڻ کانپوءِ هي سندس پاڪستان جو پهريون باقاعده دو??و هوندو. پنهنجي دوري دوران اسلامي تعاون تنظيم جو سيڪريٽري جنرل ??زي??اعظم سان ملاقات ڪندو ۽ پرڏيهي ??زي?? سان وفدن جي سطح تي ملاقاتون ڪندو، هو ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي ??زي??، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي ??زي?? ۽ واپار واري وفاقي ??زي?? سان پڻ ملاقات ڪندو. او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو پڻ دورو ڪندو. ٻطرفي ڳالهه ٻولهه دوران او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل ۽ پرڏيهي ??زي?? او آءِ سي جي ايجنڊا تي موجود ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار، اسلامو فوبيا ۽ افغانستان ۾ انساني صورتحال سميت ٻين ??عاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. بيان موجب ان جي ان دوري سان او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، سماجي ۽ ٽيڪنيڪي تعاون جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو پڻ ملندو. پاڪستان او آءِ سي جي باني ميمبر جي حيثيت سان تنظيم ۾ اسلامي يڪجهتي، اتحاد ۽ مڪالمي جي فروغ لاءِ ڪوششون جاري رکندو. اسلامي تعاونت نظيم جي پرڏيهي ??زي??ن واري ڪائونسل جي سربراهه جي حيثيت سان پاڪستان او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ واپار، ڪامرس، فوڊ سيڪيورٽي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون کانسواءِ تڪرار?? کي حل ڪرڻ جي لاءِ او آءِ سي جي امن ۽ سلامتي جي ڍانچي کي مڪمل طور تي فعال ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪيو آهي، افغانستا?? کي سنگين انساني امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ او آءِ سي ٽرسٽ فنڊ قائم ڪيو آهي جڏهن ته اسلامو فوبيا جي ڪڌي مظاهري کي منهن ڏيڻ ۽ تعاو?? کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قائداڻو ڪردار فراهم ڪيو آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته او آءِ سي جي سيڪريٽري جو دورو ان ڳالهه تي خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو فراهم ڪندو ته او آءِ سي هڪ ارب 90 لک مسلمانن جي امنگ?? کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڪهڙي طرح پاڻ ک?? وڌيڪ متحرڪ ڪري سگهي ٿي جن جي هو نمائندي ڪري ٿي.