اسلام آباد– 31 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان عهدو ڇڏيندڙ ڪابينا سيڪريٽري سردار احمد نواز سکيرا ۽ صدر جي پ??يس سيڪريٽري قمر بشير ايوان صدر ۾ جدا جدا ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن دوران صدر عهدو ڇڏيندڙ ڪابينا سيڪريٽري جي پ??ڪستان حڪومت جي خدمتن کي ساراهيندي انهن جي مستقبل جي حوالي سان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. صدر عهدو ڇڏيندڙ صدر جي پ??يس سيڪريٽري جي حيثيت قمر بشير جي خدمتن کي پڻ ساراهيو ۽ کيس اعزازي شيلڊ پيس ڪئي. ايوان صدر جي پ??يس ونگ موجب سردار احمد نواز سکيرا پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جو هڪ آف??سر آهي جنهن 1985ع ۾ سول سروس ۾ شموليت اختيار ڪئي. 16 اپريل 2020ع تي ??يب??يٽ سيڪريٽري طور فرض سنڀالڻ کان اڳ هو واپار ۽ ٽيڪسٽائيل واري سيڪريٽري، اطلاعات ۽ نشريات، بورڊ آف انويسٽمينٽ ۽ نجڪاري جي عهدي تي مقرر رهيو. پاڪستان حڪومت احمد نواز سکيرا جي خدمتن جو اعتراف ڪندي کيس 14 آگسٽ 2022ع تي عوامي خدمت جي شعبي ۾ ”هلال امتياز“ جي قومي اعزاز سان نوازيو. قمر بشير انفارميشن گروپ جو آف??سر آهي جنهن 1991ع ۾ سول سروس ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي. مئي 2022ع ۾ پريس سيڪريٽري طور فرض سنڀالڻ کان اڳ هو شاليمار رڪارڊنگ اينڊ براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊا??ري??ٽر، اطلاعات واري وزارت ۾ جوائنٽ سيڪريٽري ۽ پيرس، فرانس ۾ پاڪستان جي پ??يس قونصلر جي عهدي تي فائز رهيو.