اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته يو?? يڪجهتي ڪشم??ر جو ڏهاڙو اڄ پوري قومي عزم ۽ جذبي سان ملهائينداسين ۽ وزيراعظم شهباز شريف اڄ آزاد ڄمون ڪش??ير قانونساز اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندو. پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام طرفان آزاد ۽ والاريل ڄمون ڪش??ير ۾ رهندڙ بهادر، غيور ۽ آزادي جي متوالي عوام سان ايڪتا جو اظهار ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ڄمون ڪش??ير تڪرار تي رياست پاڪستان جي موقف ۽ ڪشميرين جي حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪندو. سڌ سماءُ واري وزير چيو ته شهباز شريف جي هدايت تي يو?? يڪجهتي ڪش??ير سڄي ملڪ ۾ ڀرپور جذبي ۽ ولولي سان ملهايو پيو وڃي، مريم اورنگزيب چيو ته يو?? يڪجهتي ڪشم??ر جي سلسلي ۾ مختلف تقريبون منعقد ٿينديون. تعليمي ادارن ۾ يو?? يڪجهتي ڪشم??ر جي سلسلي ۾ سرگرميون به ترتيب ڏنيون ويون آهن ۽ اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ سوشل ??يڊيا تي خصوصي پروگرام نشر ڪيا ويندا.