اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي غربت جي خاتمي ۽ ملڪ جي معاشي ترق?? جي لاءِ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معاشر?? جي ڪمزور طبقن طرف ڀرپور ڌيان ڏيڻ گهرجي، احساس ??لاحي پروگرام غريبن کي ريليف ڏيڻ جو هڪ سٺو مثال آهي جنهن ۾ غريبن کي ريليف فراهم ڪيو ويو، ان پروگرام تحت ٽيڪنالاج?? جي استعمال سان مستحقين ۾ رقم جي شفاف ورڇ ۾ مدد ملي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ا??وا?? صدر اسلام آباد ۾ احساس ??روگرام کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ٺاهيل ”احساس 2047ع ڊاڪيومينٽري“ جاري ڪرڻ جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ پارليامينٽ ميمبرن، سفارتڪارن، مختلف سماجي ۽ فلاحي تنظيمن سان واڳيل اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته معاشر?? جي ڪمزور طبقن جي حالت کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. صدر احساس ??روگرام تحت ٻارن کي تعليمي وظيفا ۽ عورتن کي قرض فراهم ڪرڻ جي خصوصي قدمن کي ساراهيو. هن چيو ته اهو يقينن عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ هڪ ساراهه جوڳو قدم آهي. هن ان ڏس ۾ پروگرام جي لاءِ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏيڻ تي سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته احساس ??روگرام مان سکي سگهجي ٿو ۽ ان سان غربت گهٽتائي ڪري سگهجي ٿي. صدر چيو ته ماڻهن جي صحت ۽ تعليم حڪومت جي ذميواري آهي، پاڪستان جي عوام دنيا جي انهن ملڪن ۾ سرفهرست آه?? جيڪي خيرات ڪن ٿا. هن چيو ته احساس جا مختلف پروگرام اسلام جي فلاحي رياست جي جذبي تحت ٺاهيا ويا جن جو مقصد غربت جي خاتمي ۾ مدد ڪرڻ آهي. هن چيو ته اهڙي قسم جا پروگرام جاري رهڻ گهرجن، اهڙي قسم جي پروگرامن ۾ اهم مقصد چوري کي روڪڻ هو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ جي ترقي ۽ غربت جو خاتمو ڪرڻ جي لاءِ اسان کي عورتن کي معاشي طور تي مضبوط ۽ بااختيار بڻائڻو پوندو. صدر عورتن کي تعليم يافته ۽ هنرمند بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته عوامي صحت ۽ تعليم جي شعبي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم لازمي ??هن. هن چيو ته اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي تعليم ۽ تربيت تي ڌيان ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، خط?? جي ٻين ملڪن تعليم جي شعبي تي ڌيان ڏنو پر پاڪستان ۾ ان ڏس ۾ انگ اکر مايوس ڪندڙ ??هن. صدر چيو ته اسلام عورتن کي وراثت ۽ ٻيا حق ڏنا آهن ۽ معاشري کي عورتن جي انهن حقن کان محروم نه ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته معاشر?? جي محروم طبقن جي حالت سڌارڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته صوبا پنهنجي آمدني جو 25 کان 30 سيڪڙو حصو تعليم تي خرچ ڪري رهيا آهن پر ان جي باوجود وڏي انگ ۾ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، اڄ به ملڪ جا 22 ملين کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر ??هن. صدر چيو ته پاڪستان ڪورونا جي وبا دوران ٻين ملڪن جي ابتڙ ڪامياب حڪمت عملي اختيار ڪئي جڏهن ته احساس ??روگرام ۾ جن شين تي ڌيان ڏنو ويو ان ۾ ڪرپشن تي ضابطو آڻڻ شامل آهي. ان کان اڳ شرڪت ڪندڙن کي هڪ دستاويزي فلم ڏيکاري وئي جنهن ۾ پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي غربت جي خاتم?? جي پروگرام جي معاشر?? جي ڪمزور طبقي تي مثبت اثرن کي بيان ڪيو ويو. ”احساس 2047ع ڊاڪيومينٽري“ پاڪستان جي 100 هين سالگرهه تائين ”سڀن?? جي لاءِ سماجي تحفظ“ جي هدف جي لاءِ تيار ڪئي وئي آهي. احساس ??روگرام جي 2019ع ۾ شروع ٿيڻ کانپوءِ احساس ??لڪ جي سڀ کان وڌيڪ اثرانگيز منصوبن مان ??ڪ بڻجي ويو آهي جنهن لکين ماڻهن تائين 16 پروگرام فراهم ڪيا ??هن. ان پروگرام تحت ڪورونا وبا دوران روڪ رقم جي منتقلي، صحت جي تحفظ، انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپس، روزگار جي لاءِ روڪ رقم جي فراهمي، عارضي رهائش، غذائيت جي پئڪيجز، مالي شموليت کي فروغ ڏيڻ جا قدم ۽ ٻيا ڪيترائي پروگرام شامل ??هن. ان کان اڳ غربت جي خاتمي واري پروگرام ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر صدر ۽ تقريب جي شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪئي. هن چيو ته احساس ??روگرام کي معاشر?? جي ڪمزور طبقن جي حالت سڌارڻ جي لاءِ شفاف بنيادن تي اڳتي وڌايو ويو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ خاتون اول معاشر?? جي ڪمزور طبقن ۽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ ڀرپور طريقي تي ڪم ڪيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته موجوده حڪومت ان پروگرام کي اڳتي وڌائيندي.