ٿرپارڪر – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف ٿرپارڪر ۾ ڪوئلي ??ان هلندڙ 1650 ميگاواٽ بجلي ??ي ٻن منصوبن جو افتتاح ڪري ڇڏيو، جنهن سان ڪوئلي ??ان پيدا ٿيندڙ بجلي ??ي پيداوار 3300 ميگاواٽ ٿي ويندي. وزيراعظم مح??د شهباز شريف اسلام ڪوٽ ٿر جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪيو ۽ 330 ميگاواٽ ٿل نووا ٿر ۽ 1320 ميگاواٽ شنگهائي اليڪٽرڪ منصوبن جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، احسن اقبال، انجنيئر خرم دستگير خان، مريم اورنگزيب، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي ??اهه، چيني نائب ناطم الامور پانگ چن شوئي ۽ سنڌ جو توانائي وارو وزير امتياز اح??د شيخ پڻ موجود هئا. اهي منصوبا 3.53 ارب ڊالر جي سڌوسنئون غيرملڪي سيڙپڪاري سان تعمير ڪيا ويا آهن.