لنڊن – 05 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف دولت مشترڪه جي اڳواڻن تي زور ڏنو آهي ته اهي تنظيم کي سگهه ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، دولت مشترڪه جي مل??ن جي وچ ۾ هم آهنگي ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن گڏيل ترقي جو خواب پورو ٿي سگهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيرا??ظم لنڊن ۾ دولت مشترڪه جي اڳواڻن جي اجلاس ۾ شر??ت ڪئي. اجلاس کي پنهنجي خطاب دوران وزيرا??ظم چيو ته بادشاهه چارلس ٽي جي تاج پوشي هڪ نئين دور جي شروعات آهي. وزيرا??ظم اڳواڻن تي زور ڏنو ته اهي دولت مشترڪه تنظيم کي سگهه ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته دولت مشترڪه جي مل??ن جي وچ ۾ هم آهنگي ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن گڏيل ترقي جو خواب پورو ٿي سگهي. وزيرا??ظم پاڪستاني نوجوانن ۽ هنرمندن کي بهترين موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم جو پڻ ذڪر ڪيو. هن چيو ته ان جي حڪومت عورتن ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائي رهي آهي ۽ پٺتي پيل طبقو جهڙوڪ مذهبي ۽ نسلي اقليتن، معذور ماڻهن ۽ ٽرانسجينڊر ڪميونٽي کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻي رهي آهي.