اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ حڪومت زرعي شعبي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي جدت تي وڏي سيڙپڪاري ڪندي، ننڍن آبادگارن جي ل??ءِ بنا وياج جي قرضن جي پروگرام ۾ توسيع ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ناڻي و??ري وفاقي و??ير اسحاق ڊار جي قيادت ۾ معاشي ٽيم ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ معاشي ٽيم وزيراعظم کي مالي سال 23 – 2022ع بابت اقتصادي سروي پيش ڪئي. وزيراعظم معاشي ٽيم جي گذريل هڪ سال جي ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي جي ل??ءِ ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته گذريل حڪومت جي ننڍي معاشي چئل??نج?? ۽ تاريخي ٻوڏ جي باوجود معاشي ٽيم جي ملڪي معيشت جي ل??ءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ حڪومت زرعي شعبي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي جدت تي وڏي سيڙپڪاري ڪندي. ننڍن آبادگارن کي اعليٰ معيار جو ٻج ۽ خودڪار زرعي مشينري سان ليس ڪيو ويندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايندڙ بجيٽ ۾ ننڍن آبادگارن جي ل??ءِ بنا وياج جي قرضن جي پروگرام ۾ توسيع ڪئي وڃي. في ايڪڙ وڌيڪ پيداوار حاصل ڪندڙ آبادگارن کي حڪومت انعام پڻ ڏيندي. ملاقات ۾ ناڻي و??ري وفاقي و??ير اسحاق ڊار، مملڪتي و??ير ڊاڪٽر عائشه غوث ??اش??، خاص معاونين طارق باجوه، طارق ??اش?? ۽ ناڻي و??ري و??ارت جي اهلڪارن شرڪت ڪئي.