اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سنڌ جي وڏي ??زير کي هدايت ڪئي آهي ته سامونڊي طوفان سان ٺٽي، بدين ۽ سنڌ جي ڏکڻ اوڀر علائقن بابت خدشن تي وفاق ۽ صوبائي حڪومتن ۽ ادارن جي وچ ۾ موثر ح??مت عملي تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، لاڳاپيل علائقن مان عوام جي وقت سر محفوظ علائقن ۾ منتقلي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سنڌ جي وڏي ??زير سيد مراد علي شاهه کي ٽيليفون ڪيو ۽ سامونڊي طوفان جي حوالي سان تازه ترين صورتحال ۽ قدمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم سنڌ جي وڏي ??زير جي سامونڊي طوفان جي خطري کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ اڳواٽ انتظامن کي ساراهيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سامونڊي جهازن، مُهاڻن، سامونڊي انفراسٽرڪچر، ٻوڏ جي خطري، ٺٽي، بدين ۽ سنڌ جي ڏکڻ اوڀر علائقن بابت خدشن تي وفاق ۽ صوبائي حڪومتن ۽ ادارن جي وچ ۾ موثر ح??مت عملي تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، لاڳاپيل علائقن مان عوام جي وقت سر محفوظ علائقن ۾ منتقلي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم کي ل??ڳاپيل علائقن ۾ عوام کي اڳواٽ خبردار ڪرڻ ۽ اطلاع پهچائڻ جي حوالي سان قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم هنگامي صورتحال ۾ ضروري سامان، اوزارن ۽ ٻين لاڳاپيل شين جي اڳواٽ انتظامن تي پڻ آگ??هي حاصل ڪئي ۽ مڪمل نگراني رکڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ وفاقي حڪومت پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم چيو ته وفاق جي انتظام هيٺ سمورا ادارا عوام جي جان ۽ ما?? جي تحفظ جي ل??ءِ سنڌ حڪومت جي مدد جي ل??ءِ هر وقت تيار رهن. سنڌ جي وڏي ??زير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم شهباز شريف جي جذبي ۽ فڪرمندي تي ان جا ٿورا مڃيا.