مڪو شريف – 26 جون (اي پي پي) مذهبي معامل?? واري وزارت پاڪستاني حج پانڌيئڙن جي مدد ۽ سهولت لاءِ منيٰ ۾ مين ڪنٽرول آفيس (ايم سي او) قائم ڪري ڇڏي آهي. مذهبي معامل?? واري وزارت جي ترجمان مطابق ڪنٽرول روم ۾ معلومات ۽ رابطي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ انفارميشن س??ل قائم ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه هڪ خاص سيل پڻ قائم ڪيو ويو آهي ته جيئن ڪنهن به گم ٿيل حاجي يا سامان جي ڳولا ۾ مدد ڏئي سگهجي. پرائويٽ حاجين جي ڪنهن به امڪاني مسئلن جي ڪڙي نگراني ۽ انهن جي حل لاءِ مانيٽرنگ س??ل قائم ڪيو ويو آهي. مختلف ٻيا خاص يونٽس جهڙوڪ وهيل چيئر ??يسڪ وغيره حاجين جي سهولت لاءِ قائم ڪيا ويا آهن. انهن سهولتن جي فراهمي جو مقصد حج انتظامن کي بهتر بڻائڻ آهي ۽ ان سان سمورن پاڪستاني حج پانڌيئڙن لاءِ آرامده ۽ پريشاني کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ مذهبي معامل?? واري وزارت جو عزم ظاهر ٿئي ٿو.