منيٰ-30 جون (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر طلحه محمود معلم ضيوف البيت اسامه دانش کي طلب ڪري انتظامن جي حوالي سان حج پانڌي??ڙن جي خدشن کان آگاهه ڪيو. رهائش، خوراڪ، واش رومز ??ميت ٻين معاملن تي لاڳاپيل معلم سامهون خدشا رکيا. حج پانڌي??ڙن کي منيٰ، عرفات ۽ مزدلفه ۾ پيش مسئلن جي معاملي تي وفاقي وزير طلحه محمود سيڪريٽري مذهبي معام??ا، سعوديه ۾ مقرر پاڪستاني سفير ۽ ڊي جي حج سان گڏ حجاج ڪرام سان ملاقاتون ڪيون. وفاقي وزير حجاج ڪرام جي مسئلن کي ٻُڌي معلم ضيوف البيت اسامه دانش کي طلب ڪيو. طلحه محمود حجاج ڪرام سان گڏ معلم ک?? پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو. معلم ۽ حجاج سان گڏ مختلف ڪيمپس جو دؤرو ڪيو. وفاقي وزير رهائش، خوراڪ، واش رومز ??ميت ٻين معاملن سميت معلم آڏو خدشا رکيا. طلحه محمود چيو ته پاڪستاني عزت ۽ محبت وارا ماڻهو آهن. منيٰ ۾ پاڪستانين جي عزت نفس کي مجروح ڪيو ويو. پاڪستاني حج پا??ڏي??ڙن کي منيٰ ۾ رهائش، کاڌي بابت شديد خدشا آهن. مان پاڪستانين جو نمائندو آهيان، پاڪستان جي حج پانڌي??ڙن کي درپيش مشڪلاتن سان شديد ڏُک ٿيو آهي. طلحه محمود معلم ک?? هدايت ڪئي ته هو پاڪستاني حج پانڌي??ڙن کي منيٰ ۾ رهائش فراهم نه ڪئي هئي انهن جا پئسا واپس ڪيا وڃن.