اسلام آباد – 04 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترقياتي من??وب?? ۾ معيار ۽ شفافيت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ جاري عوامي سهولت جي ميگا پراجيڪٽس تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي، نوجوانن جي ترقي ۽ عورتن کي خودمختيار بڻائيندڙ من??وب?? کي ترجيحي بنيادن تي شروع ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ هلندڙ مالي سال ۾ ترقياي من??وب?? بابت اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، خواجه آصف، احسن اقبال، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خاص معاونين ملڪ ??حمد خان، شزا فاطمه خواجه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي مالي سال 24 – 2023ع ۾ ترقياتي ڪمن ۽ ان تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي نوجوانن ۽ عورتن جي ترقي، زراعت، صنعت، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين شعبن جي ترقياتي من??وب?? جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته سڄي پاڪستان بشمول گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ وزيراعظم ميرٽ اسڪالرشپ جي شروعات ڪئي پئي وڃي. پوري پاڪستان ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت باصلاحيت نوجوانن کي ليپ ٽاپ جي فراهمي جو عمل جلد شروع ڪيو ويندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ترقياتي من??وب?? ۾ عوامي ڀلائي جي من??وب?? کي ترجيح ڏني وڃي. سڄي ملڪ ۾ جاري عوامي سهولت جي ميگا پراجيڪٽس تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي. هلندڙ مالي سال پٺتي پي?? علائقن جي ترقي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. هن چيو ته نوجوانن جي ترقي ۽ عورتن کي خودمختيار بڻائيندڙ من??وب?? کي ترجيحي بنيادن تي شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته زراعت جي شعبي جي ترقي ۽ ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن جي من??وب?? تي پڻ جلد ڪم شروع ڪيو وڃي. وزيراعظم سمورن من??وب?? ۾ معيار ۽ شفافيت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم سمورن من??وب?? جي مقرر مدي ۽ حڪمت عملي تي پڻ تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.