باڪو – 15 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باڪو ۾ آذربائيجاني شهيدن جي يادگار تي ويو جتي هن شهيدن کي خراج عق??دت پيش ڪرڻ جي لاءِ گلدستو رکيو. باڪو شهر جي ايگزيڪيوٽو پاور جو سربراهه الدار عزيزوف ۽ آذربائيج??ن جو نائب پرڏيهي وزير خضر فرهادوف پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيج??ن جي 2 ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران باڪو ۾ آذربائيج??ن جي قومي قائد حيدر عليوف جي مزار تي پڻ حاضري ڀري ۽ گلدستو رکيو.