پشاور – 11 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب 9 مئي سانحي تي ريڊيو پاڪستان پشاور جي ساڙيل عمارت ۽ چاغي اسٽوڊيو جي بحالي ۽ رنگ روغن جي من??وبو شروع ڪرڻ سميت ريڊيو پاڪستان جي عمارت ۾ سئنيما ٺ??هڻ جي من??وبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ريڊيو پاڪستان پشاور جو دورو ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم جو سياسي ۽ عوامي معاملن وارو صلاحڪار انجنيئر امير مقام پڻ ساڻس گڏ هو. ريڊيو پاڪستان اچڻ تي اطلاعات واري سيڪريٽري سهيل علي خان، ڊي جي ريڊيو پاڪستان طا??ر حسن، ريڊيو ۽ اي پي پي جي ملازمن ??طلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جو استقبال ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ان موقعي تي 9 مئي تي ساڙيل ريڊيو پاڪستان ۽ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان پشاور بيورو جي عمارت ۽ چاغي اسٽوڊيو جي بحالي ۽ رنگ روغن جي ڪم جي شروعات ڪئي ۽ ريديو پاڪستان جي اندر سئنيما ٺ??هڻ جي من??وبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ان موقعي تي اطلاعات واري سيڪريٽري سهيل علي خان ۽ ڊي جي ريڊيو پاڪستان طا??ر حسن کي علائقائي ثافت ۽ ورثي کي ڊيجيٽلائيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن ايندڙ وقتن ۾ ڪو سانحو اهڙي قسم جي تاريخي آرڪائيوز کي نقصان نه پهچائي سگهي.