اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرتارپور لنگهه ک??لڻ جو قدم اسلامي اصولن، قائداعظم جي پرامن پاڙيسريت جي تصور ۽ پاڪستان جي بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ جي پاليسي موجب آهي. وزيراعظم ميڊيا هائوس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان تاريخي گورڌوارن جي دستاويزي ڪتاب ٽرائسٽ ود ٽريز جي ليکڪ ۽ اڳوڻي سول ??رو??ٽ ڊي ايس جسپال سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو ته بابا گرو نا??ڪ جي 550ه??ن جنم ڏڻ جي موقعي تي ڪرتارپور صاحب لنگهه ک??لڻ جو تاريخي قدم بابا گرو نا??ڪ جو نا??و کڻندڙن ۽ دنيا خاص طور تي ڀارت ۾ رهندڙ سک برادري جي پراڻي درخواست تي کنيو ويو.