اسلام آباد – 30 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خا?? مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم جي پگهار ۾ اضافي جي حوالي سان هٿ ٺوڪيون خبرون هلايون ويون، وزيراعظم حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي آڻڻ سڀ کان اڳ پنهنجي ذات کان شروع ڪئي، وزيراعظم ٻاهرئين دورن جي لاءِ پرائيويٽ ف??ائ??ٽ بدران عام ڪمرشل ف??ائ??ٽ کي ترجيح ڏني، اڪر??م سهگل ماضي ۾ به پاڪستان?? و??يراعظمن جي لاءِ تقريبن جو اهتمام ڪيو، 2020ع جو سال ميڊيا جي صنعت جي لاءِ ترقي، خوشحالي ۽ نئين دور جي شروعات هوندو، حڪومت جرنلسٽ پروٽيڪشن بل آڻي رهي آهي، اسٽيٽ بئنڪ ايڪسپورٽ فنڊ اڍائي ارب مان وڌائي 5 ارب ڪري ڇڏيو، پنجاب حڪومت نواز شريف جي رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، 6 فيبروري تائين خواجه حارث کي نئين رپورٽ جي هدايت ڪئي آهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته گذريل ڪابينا ميٽنگ کانپوءِ صحافين ۾ پلانٽيڊ بيانيو اٿار??و ويو.