اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعا?? ۽ ??شريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪورنا وائرس جي صورتحال کي ڏسندي نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر صوبن جي مشاورت سان لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ يا وڌائڻ جو فيصلو ڪندو، حالتون لائحه عمل کي بدلائي سگهن ٿيون، جيڪڏهن ڪورونا وائرس جي پکيڙ ۾ شدت پيد?? ٿئي ٿي ته ان کان به وڌيڪ سخت هدايتون لاڳو ڪرڻيون پونديون، 14 اپريل کان پهرين آئنده جي لائحه عمل جو اعلان ڪ??و ويندو. ميڊيا بريفنگ دوران هڪ سوال جي ج??اب ۾ خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته عوام جي سلامتي ۽ تحفظ اولين ترجيح آهي، ڪورونا وائرس جي ج??ڪا صورتحال هلي رهي آهي ان کي نظر ۾ رکندي ماهرن جي ٽيم ڪم ڪري رهي آهي.