اسلام آباد – 13 مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ وفاقي حڪومت جي فن??ار?? جي ڀلائي جي فنڊ (فيڊرل گورنمينٽ آرٽسٽس ويلفيئر فنڊ) جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو 10 هون اجلاس ٿيو جنهن ۾ مالي مشڪلاتن جو شڪار ۽ بيمار ??ن??ار?? کي مالي مدد ڏيڻ جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ملڪ جي مستحق ۽ ضروتمند فن??ار?? کي امداد جي فراهمي جي حوالي سان مختلف تجويزن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ نشاندهي ڪئي وئي ته ??ن وقت فن??ار?? جي ڀلائي لاءِ دستياب 250 ملين رپين جو فنڊ ناڪافي آهي ڇو ته اهڙن فن??ار?? جو انگ ان رقم جي مقابلي ۾ تمام وڌيڪ آهي جن جون حالتون بهتر نه آهن ان لاءِ ڪميٽي انهن جي مالي مدد جي لاءِ انڊومينٽ فنڊ کي 250 ملين رپين مان وڌائي هڪ ارب رپيا ڪرڻ جي تجويز ڏني.