اسل??م آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ ڪورونا وبا جي پيش نظر محرم الحرام جي جلوس ۽ مجلسن جي دوران معياري آپريٽنگ طريقيڪار (ايس او پيز) جي تياري ۽ ڪووڊ 19 جي ازالي لاءِ رهنما اصولن تي عملدرآمد ۾ تعاون ڪرڻ جي لاءِ سڄي ملڪ جي مشهور شيعه عالمن جي فڪري و??هڪ ايوان صدر اسل??م آباد ۾ ٿي. جنهن ۾ محرم الحرام جي دوران جلوسن ۽ عزاداري جي لاءِ ايس او پي?? تي اتفاق ڪيو ويو، عالم سڳورن قومي يڪجهتي ۽ مختلف مڪتبه فڪر جي وچ ۾ هم آهنگي برقرار رکڻ تي صدر جي ڪردار کي ساراهيو.