اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير سينيٽر شبلي فراز چيو آه?? ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ حڪومت جا 2 سال مڪمل ٿيڻ تي ناڻي و??ري صلاحڪار اقتصادي صورتحال تي بريفنگ ڏني، ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته مالي سال جو خسارو 9.1 سيڪڙو متوقع هو جيڪو هن وقت 8.1 سيڪڙو آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 2 سالن جي عرصي ۾ 17 ارب ڊالر جي گهٽتائي ٿي، پاڪستان تحريڪ انصاف کي جڏهن حڪومت مل?? ته جاري مالياتي خسارو 20 ارب ڊالر تائين پهچي ويو هو، ٻن سالن دوران روانگي و??پار وڌائڻ ۽ غيرضروري درآمدات ۾ گهٽتائي جي پاليسي اختيار ڪئي و??ي ۽ اسٽيٽ بئنڪ جا مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 8 ارب ڊالر مان وڌي 12.5 ارب ڊالر تائين پهچي چڪا آهن، غريب ۽ پٺتي پيل طبقا وزيراعظم جي دل جي ويجهو آهن، تعميراتي شعبي جي لاءِ موجوده حڪومت تاريخي رليف پئڪيج ڏنو جنهن ۾ انهن طبقن جي ضرورتن جو خاص خيال رکيو ويو آهي، ڪوويڊ 19 جي صورتحال جي ب??وج??د احساس پروگرام تحت هڪ ڪروڙ 50 لک غريب خاندانن تائين مڪمل شفاف انداز ۾ مالي امداد پهچائي و??ي جڏهن ته يوٽيلٽي اسٽورز تي پڻ ضرورت جي شين تي رعايتي پئڪيج ڏنو ويو، وزيراعظم ڪچي آبادي جي رهواسين کي بي گهر ڪرڻ بدران قومي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ کوکن جي حوالي سان سي ڊي اي کي پاليسي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي، وفاقي ڪابينا اين آءِ ??ر سي جي چيئرمين جي ملازمت جي مدي ۾ ٻن سالن جي و??ڌ ۽ شاهد محمود خان کي پارڪو جو ايم ڊي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني و??ي آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پي آءِ ڊي ۾ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير سينيٽر شبلي فراز چيو ته حڪومت جا ٻه سال مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهن، وزيراعظم جي هدايت تي ناڻي و??ري صلاحڪار وفاقي ڪابينا کي حڪومت جي ٻن سالن جي معاشي ڪارڪردگي ۽ غريب ۽ وچين طبقي جي لاءِ قدمن جي حوالي سان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چيو ته وفاقي ڪابينا کي ٻڌايو ويو آه?? ته حڪومت جي موثر ۽ ٺوس ڪوششن جي ڪري اقتصادي انگن اکرن ۾ بهتري اچي رهي آهي ۽ ڪوويڊ 19 جي ب??وج??د معاشي انگ اکر بهتر رهيا ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ۽ پورهيت طبقن جي بهتري تي ڌيان ڏنو ويو ۽ اهوئي سبب آهي جو دنيا ان ڪارڪردگي کي ساراهيو آهي. هن چيو ته بلوم برگ جولاءِ جي مهيني ۾ پاڪستان جي اسٽاڪ ايڪسچينج کي دنيا جي نمبر ون اسٽاڪ ايڪسچينج قرار ڏنو آهي جڏهن ته موڊيز به اقتصادي بهتري جي درجابندي ۾ پاڪستاني معيشت کي مستحڪم قرار ڏنو آهي. وفاقي و??ير چيو ته جڏهن به غريب ۽ وچين طبقي جو ذڪر اچي ٿو ته وزيراعظم عمران خان چوڪس ٿي وڃي ٿو ڇو ته اهو طبقو وزيراعظم جي دل جي تمام ويجهو آهي. هن چيو ته تعميراتي شعبي جي لاءِ جيڪو پئڪيج ڏنو ويو ان ۾ به غريب خاندانن جو خيال رکيو ويو آهي، تعميراتي شعبي جي بحالي سان نه رڳو گهٽ آمدني و??رن ماڻهن جو پنهنجي گهر جو خواب پورو ٿيندو پر سرگرميون بحال ٿيڻ سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. سينيٽر شبلي فراز چيو ته جهڙي طرح حڪومت ڪورونا وب?? تي الله جي مدد سان ضابطو آندو، ان جو دنيا ۾ مثال نه ٿو ملي ۽ دنيا ان حڪمت عملي جا مثال ڏئي رهي آهي.