اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪووڊ 19 جي وبا گذريل صدر جي دوران دنيا سميت پاڪستان ??اءِ هڪ شديد وبا ثابت ٿي آهي ??نه?? سان ??عيشت تي دٻاءُ وڌيو ۽ صحت جا مسئلا پيدا ٿيا، پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان ??ريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته صحت جي مسئلن جو حل معيشت کي بند ڪرڻ ناهي هوندو. هن چيو ته هلندڙ سال پهرين ٽه ماهي دوران آمريڪا ۽ برطانيه سميت ٻين ملڪن جون معيشتون بري طرح متاثر ٿيو پر پاڪستان ڪورونا وائرس جو جهڙي طرح مقابلو ڪيو ان جو اعتراف عالمي سطح تي ڪيو ويو آهي ۽ پاڪستان ان ??شڪل جو ڪاميابي سان ??قابلو ڪيو آهي، هن چيو ته بل گيٽس به ڪيترن ئي موقعن تي ڳالهائڻ دوران ??اڪستا?? ۽ ??ارت جو تجزيو ڪندي پاڪستان جي ڪارڪردگي کي شاندار قرار ڏنو جڏهن ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي چونڊيل صدر به پنهنجي تازي پاڪستانجي دوري جي موقعي تي ان جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته دنيا پاڪستان جي تجربن مان ??ائدو کڻي، وفاقي وزير چيو ته و??ل اسٽريٽ جرنل پاڪستان جي باري ۾ عام طور تي سٺيون خبرون ناهي ڏيندو وائرس جي حوالي سان حڪومت جي قدمن کي ساراهيو ويو.