اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) نيشن ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) کي سومر ڏينهن آگاهه ڪيو ويو ته مئ?? کانپوءِ پهريون ڀيرو وينٽيليٽرز تي ڪورونا جي مريضن جو تعداد 100 کان گهٽ ٿي ويو آهي جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي، ترقياتي ۽ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ اين سي او سي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ محرم الحرا?? جي حوالي سان منصوبن ۽ ايس او پيز جي خلاف ورزين بابت شڪايتن ۽ تعليمي ا??ار?? جي ٻيهر کولڻ جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، فورم محر?? جي سرگرمين دوران بيماري جي پکڙجڻ جي اثرن جو جائزو ورتو ۽ صوبائي حڪومتن جي ذريعي نافذ محر?? جي انتظامي منصوبي ت?? اطمينان جو اظهار ڪيو.