اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي ڪراچي جي مس??لن جي حل لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي تعاون جي مثبت اڳڀرائي کي ساراهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم عمران خان طرفان ڪراچي جي مس??لن جي حل لاءِ ان کان اڳ ڪيل ٽوئيٽس جي باري ۾ چيو ته وفاقي ۽ سنڌ جي صوبائي حڪومت جي وچ ۾ سهڪار جو فيصلو مثبت اڳڀرائي آهي، هن چيو ته ان ف??صلي سان سانوڻي جي برسات سبب ڪراچي ۾ موجود بحران جي حل ۾ مدد ملندي پر ان سان مس??قبل جي منصوبابندي ۾ به مدد ملندي، صدر چيو ته ان مثبت اڳڀرائي ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ گڏيل تعاون ۽ موجوده شديد ترين بحران تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي جڏهن ته مس??قبل ۾ پاڻي جي نيڪاسي جي نالن، سيوريج ٽريٽمينٽ، سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ، صاف پاڻي جي فراهمي ۽ ٽرانسپورٽ سميت ٻين سهولتن جي فراهمي لاءِ گڏيل فيصلا ڪري سگهبا.