اسلام آباد 12- سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي چيو آ??ي ته بين الافغان مذاڪرات منعقد ڪرڻ افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ سنگ ميل جي ??يثيت رکي ٿو، اڄ سڄي دنيا پاڪستان جي موقف تسليم ڪري رهي آهي، افغان امن عمل کي منتقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ عالمي برادري کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي ??رورت آ??ي. ??هڙو اظهار هن دوحه ۾ بين الافغان مذاڪرات جي ??فتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير نائب وزيراعظم ۽ قطر جي پرڏيهي وزير جي ??اص دعوت تي ويڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، پاڪستان طرفان افغانستان لاءِ خاص نمائندو ايمبيسڊر محمد صادق دوحه اجلاس ۾ شريڪ آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جو موقف هميشه اهو ئي رهيو آ??ي ته افغان مسئلي جو حل طاقت ذريعي ممڪن نا??ي. ??ٺي ڳالهه اها آ??ي ته اڄ سڄي دنيا پاڪستان جي موقف کي تسليم ڪري رهي آهي.