اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ راوي اربن ڊيولپمينٽ ا??ارٽي ۽ پاڪستان لينڊ ڊيولپمينٽ ا??ارٽي جي ورڪنگ گروپ جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي، سياسي معاملن واري خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي ڊپٽي چيئرمين ميجر جنرل (ر) امير اسلم خان، پاڪستان آئي لينڊ ڊيولپمينٽ ا??ارٽي جي چيئرمين عمران امين شرڪت ڪئي. ان کانسواءِ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، پنجاب جي وڏي وزير جي صلاحڪار ڊاڪٽر سلمان شاهه، پنجاب جي وڏي وزير جي خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، راوي اربن ڊيولپمينٽ ا??ارٽي جي چيئرمين راشد عزيز، پنجاب جي چيف سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.