اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته چونڊن جي ل??ءِ قانوني سڌارن جو مقصد پوري عمل کي شفاف بڻائڻ آهي، سمورين سياسي پارٽين سان ان سلسلي ۾ ڳالهين جي ل??ءِ دروازا هر وقت کليل آهن، پيٽروليم مصنوعات جي کوٽ بابت انڪوائري ڪميشن جي سفارشن تي عملدرآمد جي حوالي سان ق??ئم ڪميٽي جي رپورٽ ملڻ تي ذميوارن جي خلاف سخت ايڪشن ک??يو ويندو، احساس پروگرام حڪومت جي سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي، جنهن جي تا??يد عالمي ادارا به ڪن ٿا، ملڪ مان غربت جو خاتمو اسان جو مشن آهي، وزيراعظم صوبائي حڪومتن ۽ اسلام آباد انتظاميا کي هدايت ڪئي ته ڪورونا وبا جي ڏس ۾ غريب ٺيلهو هڻندڙن جي ل??ءِ ٺيلها بازار ق??ئم ڪرڻ جو جائزو ورتو وڃي ته جيئن انهن غريب ماڻهن جو روزگار متاثر نه ٿئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.