اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پوري قوم مڇ سانحي تي ڏکويل آهي، مڇ سانحي تي سياست نه ڪرڻ گهرجي، ا?? مسئلي تي اسان سڀني کي هڪ ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم عمران خان ڪوئيٽا ضرور ويندو ۽ مڇ سانحي جي متاثرين سان ملاقات ڪندو، اس??ن جي پهرين ترجيح آهي ته دهشتگردي جا واقعا آئنده نه ٿين. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪست??ن جا دشمن ملڪ ۾ افرات??ري جي صورتحال پيدا ڪرڻ چاهين ٿا، بلوچستان ۾ گذريل ڏينهن 7 فوجي اهلڪارن کي شهيد ڪيو ويو، ا??هن جو ڪنهن برادري سان تعلق نه هو، ا?? طرح جي واقعن جو مقصد صرف ??لڪ ۾ خوف ۽ بي يقيني جي صورتحال پيدا ڪرڻ هوندو آهي، ا?? صورتحال ۾ اسان سڀني کي گڏجي اهو سوچڻ گهرجي ته ان سڄي صورتحال کي ڪهڙي طرح منهن ڏنو وڃي. هن چيو ته ڪوئيٽا جي علائقي مڇ ۾ ٿيندڙ واقعي تي وزيراعظم عمران خان ۽ پوري قوم ڏکويل آهي.