اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمر??ن خان نئين جمهوري روايتن جو بنياد رکي ڇڏيو آهي، عمر??ن خان بنا ڪنهن دٻاءُ جي ذاتي طور تي فيصلو ڪيو آهي ته هو 6 مارچ تي ايوان مان ٻيهر اعتماد جو ووٽ وٺندو، مخالف ڌر ته ان ??ال??ه تي به پريشان آهي ته وزيراعظم ڇو اعتماد جو ووٽ وٺي رهيو آهي، هاڻي اهو طئي ٿي چڪو آهي ته جمهوري قدر ئي هلندا، ڌمڪي، ڌانڌلي ۽ لوٽ مار جي سياست سان ملڪ نٿو هلي سگهي. هو نجي ٽي وي چئنل سان ??ال??ائي رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته وزيراعظم عمر??ن خان اتحادي پارٽين سان مشاور?? کانپوءِ صادق سنجراڻي کي سينيٽ چيئرمين لاءِ اميدوار نامزد ڪيو آهي، ان جو بنيادي سبب بلوچستان صوبي سان تعلق هجڻ آهي ته جئين بلوچستان کي نمائندگي ملي ۽ ان سان گڏوگڏ ان جي گذريل ٽن ??ال?? جي ڪارڪردگي ڏسندي اهو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس 6 مارچ تي طلب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ عمر??ن خان ٻيهر اعتماد جو ووٽ وٺندو، ايوان ۾ حڪومت ۽ اتحادي پارٽين جا سمورا ميمبر موجود هوندا.