تحريڪ انصاف جي حڪومت صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿي: سينيٽر شبلي فراز

image
APP62-170321 ISLAMABAD: March 17 – Federal Minister for Information and Broadcasting Senator Shibli Faraz addressing the national seminar titled “Freedom of the Press & Resolution of Media Crisis”. APP

اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿي، آزاد ميڊيا جمهوريت جي فروغ ۽ شهرين جا بنيادي مسئلا اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، صحافين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ جلد بل پارليامينٽ ۾ آندو ويندو، بدقسمتي سان مخالف ڌر صحافين جي پگهارن ۽ تحفظ بابت بل رد ڪيو جيڪا افسوسناڪ ڳالهه آهي، ڪو به ادارو، سياسي پارٽي يا تنظيم پنهنجو پاڻ کي وقت جي گهرجن سان هم آهنگ نه ڪري سگهي اها پٺتي رهجي وڃي ٿي، صحافتي تنظيمون ۽ پريس ڪلبز پنهنجي ميمبرشپ جي عمل کي وڌيڪ شفاف بڻائين ته جيئن اهل ماڻهن کي اڳتي اچڻ جو موقعو ملي سگهي. هو مقامي هوٽل ۾ فريڊم آف دي پريس اينڊ ريزروليشن آف ميڊيا ڪرائسس سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو.

مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز