اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ملڪ معاشي طور تي استحڪام طرف وڌي رهيو آهي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تحريڪ انصاف جي چونڊ سڌارن جو اهم حصو آهي، اوورسيز پاڪستانيز کي ووٽ جو حق ڏي?? تحريڪ انصاف جي ايجنڊا آهي، اوورسيز پاڪستانين کي قومي ڌ??را ۾ آڻ?? لاءِ اليڪ??ن ڪميشن قدم کڻي، وفاقي ڪابينا ڪورونا سان مقابلي لاءِ بوسنيا کي طبي امداد ۽ دوائون موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي. زيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وڌيڪ معيشت تي ڳالهه ٻولهه ٿي جڏهن ته اڄ ڪابينا جو اجلاس پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون پيپر ليس اجلاس هو.