اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته چونڊ سڌارن تي سڀئي ??ارٽيون گڏجي ويهن ۽ متفقه فيصلو ڪن، پولنگ ٿيڻ کانپوءِ نتيجا صبح ت??ئي?? ناهن ايندا، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي پرچي کان ٻاهر اچڻ کان ئي تيار نه آهن، مشينن جي تياري لاءِ اليڪشن ڪميشن تي بجيٽ جو اضافي بار نه پوندو، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان اليڪٽرانڪ رڪارڊ سان گڏوگڏ پيپر رڪارڊ به هوندو، هر پولنگ اسٽيشن ۾ اهي مشينون م??جو?? هونديون جيڪي انٽرنيٽ کانسواءِ ڪم ڪنديون. اهي مشينون استعمال ۾ ڪرڻ ۾ آسان آهن، وزيراعظم عمران خ??ن جي قيادت تي ڪنهن کي ڪو شڪ نه آهي، حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي، ايندڙ پنج سال به عمران خان وزيراعظم هوندو. هو پارليامينٽ هائوس ۾ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ سان گڏ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي باري ۾ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو. ان موقعي تي سينيٽر فيصل جاويد ۽ ٻيا ماهر به م??جو?? هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پولنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ سڀ کان اهم مسئلو نتيجن جو وقت سر نه اچڻ آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ اليڪشن جي نتيجن کي تسليم ڪرڻ جا مسئلا رهندا آهن، ??ن جو حل اهو آهي ته چونڊ سڌارن تي سڀئي ??ارٽيون گڏجي متفقه فيصلو ڪن، پر ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي پرچي کان ٻاهر اچڻ لاءِ تيار ئي ??ه آهن، هن چيو ته ڊسڪه ۽ ڪراچي اليڪشن ۾ اهي شڪايتون رهيون ته پولنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ ايندڙ ڏينهن ت??ئي?? نتيجا سامهون نه آيا، هن ٻڌايو ته پاڪست??ن جي انجنيئرز، سائنسدانن ۽ يونيورسٽين ۾ م??جو?? ماهرن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي تياري ۾ مدد ڪئي، جڏهن ان منصوبي تي ڪم شروع ٿيو ته ان وقت اليڪشن ڪميشن تقريبن 36 شرط ڏنا ته جيڪا مشين تيار ڪئي ??ڃي اها ان 36 شرطن تي پورو لهي، هن ٻڌايو ته انهن مشينن جي تياري ۾ انهن سڀني شرطن کي مڪمل ڪيو ويو.