اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو آهي ته وفاقي حڪومت بلوچستان کي ٻين صوبن جي برابر آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، گ??اد?? بندرگاهه جي ترقي ۽ پاڪ چين اقتصادي راهداري سان علائقائي واپار کي فروغ حاصل ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي ??ي وقتي اسپيڪر محمد قاسم خان سوري ۽ بلوچستان جي گورنر سيد ظهور آغا سان ملاقات دوران ڪيو. صدر ڊا??ٽر عارف علوي بلوچستان جي گورنر کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو ته صوبي جي ماضي جي محرومين جو ازالو ڪرڻ لاءِ بلوچستان تي خاص ڌيان جي ضرورت آهي، وفاقي حڪومت بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، هن چيو ته وزيراعظم جي بلوچستان پيڪيج سان صوبي ۾ خوشحالي ??يندي. وفاقي حڪومت بلوچستان کي ٻين صوبن جي برابر آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، حڪومت صوبي جي نوجوانن ??ي سکيا ۽ کين روزگار جا موقعا مهيا ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. صدر چيو ته گ??اد?? بندرگاهه جي ترقي ۽ پاڪ چين اقتصادي راهداري سان علائقائي واپار کي فروغ حاصل ٿيندو.