اسلام آباد – 04 – ??ڪٽ??بر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته تجويز ڪيل پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي بل جي مسودي کي سمورين ڌرين جي مشاورت سان ح??مي شڪل ڏئي ڇڏي آهي، اطلاعات واري وزارت پي ٽي وي پارليامينٽ جي سڌوسنئون نشريات کي واپاري بنيادن تي هلائڻ چاهي ٿي، پي ٽي وي اسپورٽس جي نشريات کي ايڇ ڊي ڪيو پيو وڃي، پي ٽي وي باصلاحيت اميدوارن کي برابر موقعا فراهم ڪري رهي آهي، ماضي ۾ اڳوڻي حڪومتن پي ٽي وي ۾ سياسي بنيادن تي غيرضروري ڀرتيون ڪيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪ??يٽ?? جي اجلاس ۾ ڪيو. سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪ??يٽ?? جو اجلاس ڪ??يٽ?? جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ 2 آگسٽ 2021ع تي ٿيندڙ ڪ??يٽ?? جي اجلاس جي سفارشن تي عملدرآمد جي حوالي سان رپورٽ جو جائزو ورتو ويو. ڪ??يٽ?? پاڪستان ٽيليويزن ۽ ريڊيو پاڪستان جي انتظامي ڪنٽرول ۾ موجود زمينن ۽ عمارتن جو آپٽمائيزيشن پلان فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪ??يٽ?? جي ميمبرن کي ٻڌايو ويو ته پي ٽي وي سڄي ملڪ ۾ پنهنجي زمينن ۽ عمارتن جو نئين سر جائزو وٺي رهي آهي، اهو هڪ وڏو ڪم آهي، ان کي ٽئين ڌر ذريعي مڪمل ڪيو ويندو جنهن جو ٽينڊر جاري ڪيو ويو آهي، جيئن ئي ري ويليوايشن جو مرحلو مڪمل ٿيندو ته انهن زمينن ۽ عمارتن جي استعمال بابت اڳئين مرحلي بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪ??يٽ?? کي آگاهه ڪيو ويندو. ڪ??يٽ?? پنهنجي گذريل اجلاس ۾ پي ٽي وي پاران گذريل 5 سالن ۾ ڀرتي ڪيل سمورن ڪانٽريڪٽ ملازمن جي پگهارن جي ڍانچي سان گڏ فهرستون طلب ڪيون هيون. اجلاس ۾ پي ٽي وي پاران فراهم ڪيل فهرستون غور هيٺ آيون. سينيٽر عرفان الحق صديقي نشاندهي ڪئي ته ملازمن جي پگهارن جي پئڪيج ۾ وڏو فرق آهي. هن چيو ته ڪجهه ملازمن جي پگهارن ۾ گذريل 5 سالن دوران اضافو ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪجهه اهڙا ملازم به آهن جن جي پگهارن ۾ ڪو اضافو ناهي ڪيو ويو. هن تجويز ڏني ته پي ٽي وي ۾ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙن کي ڪانٽريڪٽ ڏنو وڃي جنهن جي جواب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته پي ٽي وي باصلاحيت اميدوارن کي برابر موقعا فراهم ڪري ٿي ۽ وقت بوقت ميرٽ جي بنياد تي ضرورت موجب ڀرتي ڪري ٿي. هن چيو ته ڪوٽا جي ابتڙ ڪيس ٽو ڪيس بنيادن تي ڪيتريون ئي مقرريون فوتي ملازمن جي وارثن جون آهن جن ۾ بيواهون ۽ فوتي ملازمن جا ٻار شامل آهن. ان کانسواءِ ميڊيا ادارن ۾ چٽاڀيٽي فائدي جي لاءِ پي ٽي وي اينڪرز سميت پروفيشنلز جون خدمتون حاصل ڪيون ته جيئن پي ٽي وي جي ساک ۽ ان جي ناظرين جي انگ کي برقرار رکي سگهجي. اطلاعات واري وفاقي وزير سياسي بنيادن تي غيرضروري عملي جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي لاءِ اڳوڻي حڪومتن جي ??رد??ر تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اسان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جو هڪ نظام متعارف ڪرايو آهي. اسان پي ٽي وي اسپورٽس جي ٽرانسميشن کي ايڇ ڊي ڪوالٽي تي اپ گريڊ ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته ايڇ آر ايم اهم شعبو آهي، ان سيڪشن کي ڪنهن ٻاهرئين مداخلت کانسواءِ پاليسيون تيار ڪرڻ جي اجازت هجڻ گهرجي. اهو پروفيشنلز تي ڇڏڻ گهرجي ته اهي فيصلو ڪن ته اداري جي لاءِ ڇا بهتر آهي. اسان رياستي ميڊيا جي بهترين مفاد ۾ پاليسين جي تياري جي لاءِ ايڇ آر فرم جون خدمتون حاصل ڪيون آهن. اسٽينڊنگ ڪ??يٽ?? جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد پي ٽي وي عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي ايڇ آر پاليسين کي ريشنلائيز ڪن. ڪ??يٽ?? جي چيئرمين چيو ته پي ٽي وي جي پگهارن جي اسٽرڪچر ۾ فرق آهي، ان جي لاءِ هڪ مناسب نظام تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪ??يٽ?? جي چيئرمين پي ٽي وي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته 2008ع کانپوءِ ڀرتي ٿيندڙ ملازمن جي مڪمل فهرست فراهم ڪئي وڃي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ڪ??يٽ?? جي ميمبرن کي ٻڌايو ته وزارت پي ٽي وي پارليامينٽ جي سڌوسنئون نشريات کي واپاري بنيادن تي هلائڻ جو ارادو رکي ٿي. نجي ي وي چينلز کي پي ٽي وي سي پاران لائيو فيڊ جي لاءِ ادائيگي ڪرڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير ڪ??يٽ?? جي گذريل اجلاس ۾ تجويز ڪيل پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي (پي ايم ڊي اي) بابت تفصيلي بريفنگ ڏني هئي. ڪ??يٽ?? جي چيئرمين تجويز ڪيل اٿارٽي بابت اڳڀرائي بابت معلوم ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ڪ??يٽ?? کي ٻڌايو ته تجويز ڪيل پي ايم ڊي اي جي لاءِ بل جي مسودي کي سمورين ڌرين جي مشاورت سان ح??مي شڪل ڏني وئي آهي. ڪ??يٽ?? جي چيئرمين فيصل جاويد چيو ته بل جو مسودو ڪ??يٽ?? کي فراهم ڪرڻ کانپوءِ اسان ان تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنداسين ۽ پنهنجي راءِ ڏينداسين. ڪ??يٽ?? جي اجلاس ۾ 25 جنوري 2021ع تي ايوان پاران موڪليل ”اطلاعات تائين پهچ جو حق (ترميمي) بل 2020ع“ تي وڌيڪ غور ڪيو ويو. ڪ??يٽ?? جي چيئرمين ڄاڻايل بل جي محرڪ جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. مجوزه بل تي وڌيڪ غور ڪ??يٽ?? جي ايندڙ اجلاس تائين ملتوي ڪيو ويو. اجلاس ۾ ميڊيا جي ذريعي عوامي خدمتن جا پيغام پهچائڻ جي حوالي سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پي ٽي وي جي عملدارن ڪ??يٽ?? کي ٻڌايو ته پي ٽي وي تي پبلڪ سروس ميسيجز باقاعدگي سان نشر ڪيا پيا وڃن. ڪ??يٽ?? جي چيئرمين سوال ڪيو ته نجي ٽي وي چينلز پرائم ٽائيم دوران پبلڪ سروس ميسيجز ڇو نشر نه ٿا ڪن. ايڊورٽائيزنگ ايئر ٽائيم جو گهٽ ۾ گهٽ 10 سيڪڙو مختص ڪرڻ نجي ٽي وي چينلز سان لائيسنسنگ معاهدي جو حصو آهي. ڪ??يٽ?? جي چيئرمين ان معاملي تي پيمرا کان ٺوس رپورٽ طلب ڪرڻ ۽ ڪ??يٽ?? جي ايندڙ اجلاس ۾ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ايسوسيئيشن کي طلب ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين کانسواءِ ڪ??يٽ?? جي ميمبرن سينيٽر عرفان الحق صديقي، عون عباس بپي، مصطفيٰ نواز کوکر، انور لال دين، نسيمه احسان، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ پي ٽي وي جي عملدارن شرڪت ڪئي.