اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سازگار ڪاروباري ماحول ??را??م ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا و??ن ته جيئن ملڪ ۾ غير ملڪي سيڙپڪارن جو ڌيان ڇڪرائي سگهجي. حڪومت پاران ڪاروبار ۾ آساني کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ شروع ڪيل سڌارن جا نتيجا ??چڻ شروع ٿيا آهن ۽ عالمي درجا ??ندي ۾ پاڪستان جو رينڪ 136هين پوزيشن مان بهتر ٿي 108 هين نمبر تي اچي ويو آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪوئيٽا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وفد چيمبر جي صدر فدا حسين دشتي جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته حڪومت ڪاروبار ۽ صنعتي شعبن جي سهولت ۽ مضبوطي تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ واپاري برادري ۽ معاشري جي ٻين ڪمزور طبقن کي وڌ کان وڌ رليف ??را??م ڪيو آهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته حڪومت ڪامياب جوان پروگرام تحت ملڪ ۾ انٽرپرينيورشپ ۽ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ 100 ارب روپيا مختص ڪيا آهن ۽ نوجوانن کي آسان شرطن تي ڪاروباري قرض ??را??م ڪري رهي آهي. وف?? صدرکي قومي معيشت ۾ ڪوئيٽا جي ڪاروباري برادري جي ڪردار ۽ درپيش مسئلن کان آ??اهه ڪيو. صدر وفد کي يقين ڏياريو ته انهن جي مسئلن جي حل ۾ مدد ڪئي ويندي.