اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي وزي?? چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان سائنس فائونڊيشن اڄ هڪ اهڙي پروگرام جو آغاز ڪرڻ وڃي رهي آهي جيڪو منهن??ي منظر ۾ گيم چينجر هوندو.
پنهنجي ٽو??يٽ ۾ هن چيو ته 450 گورنمينٽ اسڪولن کي STEM (سا??نس?? ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ۽ ميٿس) اسڪولن ۾ تبديل ڪرڻ جو منصوبو مون انهن لاءِ ڊزائين ڪيو ته جيستائين سرڪاري اسڪول ماڊرن نه ٿيندا ملڪ بدلجي نه سگهجندو،
اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مون کي تمام گهڻي خوشي آهي ته دير جي باوجود اهو منصوبو اڄ حقيقت بڻجڻ وڃي رهيو آهي. انشاءُ الله شروعاتي 450 اسڪولن کانپوءِ وڌ کان وڌ اسڪول ان ماڊل تي اچي ويندا. يونيورسٽين کي چيو ويو آهي ته هو اسڪول ايڊاپٽ ڪن ۽ سائنس جي تعليم جو معيار اسڪول ليول تي بهتر ڪن.