اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) شفاف توانائي جي قدمن سان ايوا?? صدر ۾ توانائي جي 50 سيڪڙو بچت ڪئي وئي، سرسبز ايوا?? صدر جي لاءِ ڀرپور وڻڪاري مهم هلائي وئي، ايوا?? صدر کي آئي ايس او 50001 جي عالمي سرٽيفڪيشن حاصل ٿي وئي اهي، ايوا?? صدر دنيا جي پهرين پريزيڊنسي آهي جنهن کي ماحول دوست سرٽيفڪيشن حاصل ٿيو آهي. ايوا?? صدر پاران ڊاڪٽر عارف علوي جي ماحول دوست قدمن تي دستاويزي فلم جاري ڪئي آهي جنهن ۾ توانائي جي حوالي سان موثر قدمن کي اجاگر ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته ايوا?? صدر ۾ 7 مهينن جي رڪارڊ مدي ۾ هڪ ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جو شمسي توانائي جو منصوبو لڳايو ويو آهي. ايوا?? صدر دنيا جي پهرين پريزيڊنسي آهي جنهن کي آئي ايس او 50001 اي اين ايم ايس جي عالمي سرٽيفڪيشن جو اعزاز حاصل ٿيو آهي. جي??و مڪمل طور تي گرين انرجي تي دارومدار ڪري ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ايوا?? صدر ۾ گرين پريزيڊنسي قدمن کي حاصل ڪرڻ جي ڊاڪيومينٽري شيئر ڪئي آهي. هن پ??هنجي ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته ايوا?? صدر دنيا جي پهرين پريزيڊنسي آهي جي??ا مڪمل طور تي گرين انرجي تي دارومدار ڪري ٿي ۽ ان کي آئي ايس او 50001 اي اين ايم ايس جو عالمي سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو آهي. صدر ايوا?? صدر جي ڊاڪيومينٽري شيئر ڪندي لکيو ته گرين پريزيڊنسي جا قدم ڊاڪيومينٽري ۾ ڏسي سگهجن ٿا. هن چيو ته انهن قدمن سان سال 21 – 2019ع ۾ ايوا?? صدر ۾ توانائي جي 35 سيڪڙو بچت ٿي آهي ۽ 2022ع تائين توانائي جي 50 سيڪڙو بچت جو ڪاٿو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي وڌيڪ چيو ته گرين پريزيڊنسي قدمن تحت شمسي توانائي مان فائدو ۽ بجلي ج?? بچت 31 لک 54 هزار 750 ڪي ڊبليو ايڇ آهي، جنهن جي ماليت 72.5 ملين رپيا آهي. واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گرين پريزيڊنسي قدمن، توانائي ج?? بچت ۽ شفاف توانائي جي پيداوار سان گرين هائوسز گيسز جي خارج ٿيڻ ۾ 3144 ٽن جي گهٽتائي ٿيندي. صدر وڌيڪ چيو ته ايوا?? صدر ۾ هڪ لک 42 هزار 908 وڻ پڻ لڳايا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ايوا?? صدر ۾ توانائي ج?? بچت ۽ وڌ کان وڌ فائدو کڻڻ جي سلسلي ۾ موثر حڪمت عملي کي يقيني بڻايو ويو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي وڌيڪ چيو ته گرين پريزيڊنسي قدمن تحت شمسي توانائي مان هڪ ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جو منصوبو 7 مهينن جي رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته شمسي توانائي سان ساليانو 1.4 ملين يونٽ گرين بجلي جي پيداوار حاصل ٿيندي. ان کانسواءِ ڪاربن جي خارج ٿيڻ ۾ 1404 ٽن جي گهٽتائي سان گڏوگڏ ناڻي جي ساليانو 32.2 رپين ج?? بچت پڻ ٿيندي.