اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته قائداعظم محمد علي جناح جي پاڪستان کي عظيم بڻائڻ جي لاءِ اسان کي ان جي ٻڌايل اصولن کي اختيار ڪرڻو آهي، جنهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي آزادي، جدا ۽ خودمختيار رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ اڻٿڪ جدوجهد ڪئي ۽ پنهنجي صلاحيتن، عزم ۽ غيرمعمولي ڪردار جي ??ري پاڪستان جي خواب کي حقيقت ۾ بدلايو آهي. صد?? عارف علوي قائداعظم جي 145 هين پيدائش جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته موجوده چئلينجز تي ??ابطو آڻڻ جي لاءِ اسان کي اتحاد، تنظيم ۽ يقين محڪم جي اهم اصولن تي ??مل ڪرڻو پوندو، پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اسان کي نظم ۽ ضبط، ڀائيچاري ۽ لڳاءُ سان ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي جي لاءِ معاشري جي سمورن طبقن، قوميتن، اقليتن ۽ هر شخص کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ملڪ جي خوشحالي جي لاءِ معاشري جي نظرانداز ڪيل طبقن جي ڀلائي کي اولين ترجيح ڏيڻي پوندي. صد?? چيو ته اڄ جي ڏي??هن اسان ان عزم کي ورجايون ٿا ته پاڪستان کي هڪ عظيم ۽ مضبوط ملڪ بڻائينداسين، پ??ري قوم محسن پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح کي خراج تحسين پيش ??ري ٿي.