اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? چوڌري فواد حسين چيو آهي ته عوام مريءَ ۽ ٻين اترين علائقن جي س??ر جو پلان ڪجهه ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مريءَ ۽ بين اترين علائقن جي لاءِ عوام جو هڪ وڏو هجوم روان دوان آهي، لکين گاڏيون انهن علائقن طرف وڃي رهيون آهن، مقامي انتظاميا جي لاءِ ايتري وڏي انگ ۾ ماڻهن کي سهولتون پهچائڻ ناممڪن بڻ??ي ويو آهي. هن چيو ته جيڪي ماڻهو اڃا گهرن ۾ آهن انهن کي درخواست آهي ته اترين علائقن جي س??ر جو پلان ڪجهه ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏين.